SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


New Medievalism

(click word to listen sound
  • 🔊
  • njuː
  • mediiːvəlizəm
  • )

From the Dictionary of International Relations:

New Medievalism

نيوميڊيويلزم

جديد سياسي مرڪزيت

هي هڪ سياسي نظريو آهي، جنهن کي 1977ع ۾ نامياري سياسي محقق ۽ ماهر ”هيڊلي بُل“ پنهنجي ڪتاب The Anarchical Society ۾ ”نئين عالمي نظام“ جو حصو بنائڻ جي تجويز ڏني. سن 500ع کان 1500ع تائين يورپ ۾ هڪ اهڙو دور گذاريو، جنهن ۾ طاقت جو اختيار ڪنهن هڪ فرد يا هنڌ تائين محدود ۽ مرڪوز ڪيو ويندو هُو. ان سرشتي ۾ گهڻي قدر پاپائيت کي مرڪزي حيثيت حاصل هُئي. ان صورتحال کي واضح ڪرڻ لاءِ سياسي علمن جي ماهرن ”وچئين دور“ (Medievalism) جو اصطلاح متعارف ڪرايو. ”وچئين دور“ جو خاتمو ”روشن خياليءَ“ جي نالي سان هلايل زبردست فڪري ۽ علمي تحريڪ کان پوءِ مُمڪن ٿي سگهيو. انهيءَ جاکوڙ جي نتيجي ۾، قومي بُنيادن تي جديد ويسٽفيليائي نظام (Westphalian System) وجود ۾ آيو، جنهن ۾ هر ملڪ کي پنهنجون سياسي، سماجي ۽ اقتصادي سرگرميون، هڪ خودمختيار ملڪ جي حيثيت سان سرانجام ڏيڻ جو حق ڏنو ويو. ”هيڊلي بُل“ ان تصور کي نئون رُخ ڏيندي، موجوده دور ۾ آزاد معيشيت ۽ جمهوريت جي اصولن ۽ بنيادن تي هلندڙ ملڪن جي وچ ۾ هڪ مرڪزي اختياري يا حڪومت جو بنياد وجهڻ جي وڪالت ڪئي. انهيءَ تصور جو اصل مقصد جمهوريت پسند ملڪن جو هڪ اهڙو گڏيل ۽ گهڻ- ملڪي اتحاد قائم ڪرڻ هيو، جنهن ۾ دنيا کي درپيش مسئلا گڏجي حل ڪيا وڃن. ”هيڊلي بُل“ جي صلاح مطابق ويلز، اسڪاٽ لئنڊ ، يارڪشائر، ايسيڪس ۽ ڪجهه ٻيا علائقا جُدا ۽ خودمختيار هُجڻ بجاءِ، برطانيا جي حڪومت هيٺ هُجڻ کپن، جڏهن ته يورپي مُلڪن جون واڳون برسلز ۾ قائم”يورپي پارليامينٽ“ حوالي هُجن جڏهن ته دنيا جي سڀني ملڪن جي نگراني نيويارڪ ۽ جنيوا ۾ قائم ڪيل عالمي ادارن جي سپرد ڪئي وڃي. ”هيڊلي بل“ جي نظريي جو اهو مقصد نه هيو ته ڪن خاص ملڪن يا مرڪزن لاءِ فائدا حاصل ڪرڻ واسطي اهڙي مرڪزيت تي مبني حڪمراني قائم ڪئي وڃي، پر سندس خيال موجب هڪ ئي جڳهه تي حڪمرانيءَ جو مرڪز رهڻ جي ڪري، مُختلف ملڪن جا پاڻ ۾ ڪنهن به تڪراري مسئلي جي حوالي سان فوري لڙائيءَ جا امڪان گهڻا نه رهندا ۽ ساڳئي وقت دُنيا جي اڪثر ملڪن ۾ قومپرستيءَ جي رُجحان ۾ به گهٽتائي ايندي. ”هيڊلي بل“ جو هي نظريو ماهرن جي نظرن ۾، دنيا کي درپِيش مسئلن کي حل ڪرڻ جي حوالي سان ته اهميت رکي ٿو، پر انهن مسئلن جي حل لاءِ دراصل ڪنهن هڪ سگهاري ملڪ کي دُنيا تي حڪومت ڪرڻ لاءِ هڪ ٺهيل ٺُڪيل جواز به فراهم ڪري ٿو. سندن دليل آهي ته دُنيا جي سياسي تاريخ ۾ قومن ۾ جنگيون ۽ بغاوتون انهيءَ ڪري آيون، جو سگهارين قوتن طرفان هيڻن قومن جي آزادي ۽ علائقائي معاملن ۾ مليل خودمختياري کانئن طاقت جي زور تي کسي ويندي هئي. انهن اعتراضن هوندي به ”هيڊلي بُل“ جي نظريي کي عالمي تنظيم ڪاري ۽ عالمي گڏپ جي حوالي سان هڪ اهم ويچار- ڌارا طور ڳڻيو وڃي ٿو. عام خيال آهي ته هيءُ نظريو پُراڻي ”ميڊويلزم“ واري روايتي تصو ر جي تجديد نٿو چاهي.


Remember Me Also:

رتن مالا

ث. هيرن جو هارُ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal